سون برابر سڳڙا

سون برابر سڳڙا

سون برابر سڳڙا

سون برابر سڳڙا (ڪتاب): هي ڪتاب علامه دائودپوٽي جي تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب کي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل تيرهن مضمون آهن: (1) سنڌي شاعر ۽ سندن شعر-1، (2) سنڌي شاعر ۽ سندن شعر-2، (3) سنڌي شاعري، (4) قاضي قاضن جا همعصر،
(5) قديم سنڌي شعر، (6) برٽن صاحب جي سنڌي ساهت تي نظر، (7) سنڌي صورتخطيءَ ۾ سڌارو، (8) سنڌي لغت تي ودوانن جا رايا،
(9) ديوان منوهر داس کي جواب، (10) ڪاڪي ڀيرو مل کي جواب، (11) عقابيل اکيون يا اوقابيل اکيون، (12) اسان جي سنڌي زبان، ۽ (13) ’سرها گل‘ جي تمهيد. هن ڪتاب جو انتساب نياز همايوني ۽ نفش ناياب منگيءَ جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب جا ’ٻه اکر‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري تاج جويي جا لکيل آهن. ڊيمي سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.


لفظ سون برابر سڳڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو